دوشنبي-30 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ت?? پاڪستان افغانستان سان تاريخي ۽ ڀائپيء?? وارن لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو. اهڙو اظهار هن دوشنبي ۾ منعقد ن??ئي?? هارٽ آف ايشيا استنبول پراسيس اجلاس جي موقعي تي افغان هم منصب محمد حنيف آتمر سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افغان امن عمل سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.