سيالڪوٽ – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي لا??ِ حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ طرف وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ شفافيت آڻيندڙ وزيراعظم جي خلاف سڀ چور گڏ ٿي ويا آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊسڪه مان اميدوار علي اسجد ملهي اليڪشن کٽي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته اها فوري طور تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪري، ڊسڪه جي عوام نواز شريف جي بيانيي، ڌوئنس، پئسي جي سياست کي سدائين جي لا??ِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، (ن) ليگي قيادت جي هڪ مهيني جون ڳالهيون ٻڌو ته ان ۾ واضح طور تي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته اسان اليڪشن بندوق سان کٽينداسين. هو ڊسڪه ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، عثمان ڊار ۽ علي اسجد ملهي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽر شبلي فراز وزيرن سان گڏ پي ٽي آءِ جي فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي اسان هتي آيا آهيون، سوڳوار خاندان سان همدردي جو اظهار ڪرڻ جي لا??ِ آيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين ڌوئنس، پئسي، غنڊه گردي، قتل غارت جي سياست ڪئي آهي، هن اليڪشن ۾ به انهن پنهنجي اسپيشلسٽ ماڻهن جن ۾ راڻا ثناءُ الله، جاويد لطيف ۽ ٻين کي ڊسڪه انهي مقصد جي لا??ِ موڪليو آهي. هن چيو ته اڄ ڊسڪه ۾ تقرير ۾ واڳون وارا ڳوڙها وه??دي ڏسي ماڊل ٽائون واقعو ياد اچي ويو جنهن ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن تي گوليون هلايون ويون، ماڊل ٽائون تي حملو راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ ڪيو ويو آهي، اليڪشن کي آلوده ۽ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لا??ِ اهي قدم کنيا ويا. هن چيو ته ايتري ڪاوڙ ۽ دهشتگردي ان لا??ِ آهي ته نواز شريف جي بيانيي کي شڪست ٿي رهي آهي، وزيرآباد جي اليڪشن، 2018ع جي اليڪشن جي نتيجن سميت هر اليڪشن ۾ هزارين ووٽن جو فرق آهي. هن چيو ته ڊسڪه ۾ (ن) ليگ 40 هزار جي ليڊ کنئي هئي ۽ اڄ اليڪشن هارائي رهيا آهن، انهن جي پيرن هيٺ??ن زمين نڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو بيانيو، نئين پاڪستان ۽ تبديلي جو انهن کي ڊپ آهي، پي ٽي آءِ ائين ئي کٽيندي رهي ته انهن جي سياسي هڪ هٺي جو خاتمو ٿيندو.