اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??اڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) کي نجڪاري جي فهرست مان ڪڍڻ جي لاءِ نجڪاري ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي، پي ٽي وي جي ري اسٽرڪچرنگ ڪندڙ ڪمپني جلد پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، پي ٽي وي جو نئون بورڊ به ايندڙ هفتي جوڙيو ويندو. صحافين کي بريفنگ دوران هڪ سوال جي جو??ب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ??زيراعظم جي ادارن ۾ سڌارن واري پر??گرام تحت مختلف ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ وڌو ويو جڏهن پي ٽي وي جي نجڪاري جي چٺي ملي ته ان جو جو??ب موڪليو ته ??ي ٽي وي جي نجڪاري ناهي ڪرڻي ان کي فهرست مان ڪڍيو وڃي.