پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان مالديپ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير جي ملاقات

image

اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان مالديپ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير وائيس ايڊمرل رٽائرڊ محمد فياض گيلاني ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي وزير نامزد سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو مالديپ سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافي ۽ سياحت ۾ فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مالديپ ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جون هڪ جهڙيون حالتون درپيش آهن، ان حوالي سان گڏيل تعاون جو دائرو وڌايو وڃي.

مضمون کا ماخذ : راکی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں