وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب امارات جو دورو ڪندو

image

اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (سڀاڻي) 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب امارات جو دورو ڪندو. اهو وزيراعظم جو چونڊجڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارات جو پهريون دورو هوندو. وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جي اهم وزيرن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس موجب ان دوري دوران وزيراعظم جي گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد سان ملاقات متوقع آهي. ٻئي اڳواڻ واپار ۽ سيڙپڪاري تي خصوصي ڌيان سان گڏ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف جي ٻين اماراتي شخصيتن، ڪاروباري شخصيتن ۽ مالياتي ادارن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتن جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ثقافتي وابستگي سان ڳنڍيل آهن. مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ وڏي خاصيت آهي. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.

مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado
متعلقہ مضامین
مزید خبریں