اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪابينا ميمبرن ??ي راءِ ??ي روشنيءَ ۾ رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي مختلف وزارتن ۽ کاتن ۾ را??ٽ سائزنگ جي سفارشن جو جائزو وٺي وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته ڄ??ڻا??ل ڪميٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن ۾ را??ٽ سائزنگ لاءِ ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪُجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ??فاقي ڪابينا جو اج??اس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، وفاقي ڪابينا ۾ حڪومت ??ي را??ٽ سائزنگ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي واپار واري وزارت، هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن ??ي را??ٽ سائيزنگ جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون. ڪميٽي ڄ??ڻا??ل وزارتن جي ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪجهه ادارن کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪميٽي انهن وزارتن جي سيڪريٽريٽ ۾ عملي جون پوسٽون 30 سيڪڙو گهٽائڻ جي به تجويز ڏني. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته انهن سفارشن جي منظوري کانپوءِ قومي خزاني کي 42.1 ارب رپين جي بچت جو امڪان آهي. ڪابينا ميمبرن انهن تجويزن تي پنهن??ي راءِ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪابينا جي ميمبرن ??ي راءِ ??ي روشني ۾ انهن وزارتن ??ي را??ٽ سائزنگ بابت سفارشن ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو وڃي ۽ رپورٽ ٻيهر وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪئي وڃي. وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي وفاقي ڪابينا کي پارا چنار جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ ان حوالي سان وفاقي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون گڏيل طور تي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پارا چنار مان مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي استعمال هيٺ ??يلي ڪاپٽر مخصوص ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پارا چنار جي سمورن اسپتالن ۾ ضروري دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو ويو آهي.