اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ريلوي مين لائين ون جي اپ گريڊيشن جو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته (ايم ايل – 1) پاڪستان ريلوي جي نظام جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاهن جي ذ??يع?? خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ ??هم واپاري لنگهه فر??هم ڪندو، پاڪستان ريلوي جي بحالي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ريلويز ۾ سڌارن ۽ مين لائين ون جي اپ گريڊيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، خواجه سعد رفيق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ريلوي ۾ جاري سڌارن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ريلوي هنگامي بنيادن تي پنهنجي آپريشنز کي بحال ڪيو. هن وقت ريلوي جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي. ان کانسواءِ ريلوي ٽڪيٽنگ جي نظام کي پڻ مڪمل طور تي ڊيجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. اجلاس کي مين لائين ون (ايم ايل – 1) اپ گريڊيشن منصوبي تي اڳڀرائي خاص طور تي منصوبي جي مختلف آپشنز ۽ مرحلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاهن جي ذ??يع?? خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ ??هم واپاري لنگهه فر??هم ڪندو، پاڪستان ريلوي جي بحالي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٺاهيل موٽرويز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان عوام فائدو کڻي رهي آهي، پاڪستان ريلويز جي ٽيم جون ٻوڏ کانپوءِ پنهنجي آپريشنز جي فوري بحالي جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.