اسلام آ??اد – 31 – مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمي?? جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق زرداري هائوس اسلام آ??اد ۾ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن آزاد ڪشمير حڪومت کي درپيش معاشي مسئلن، ايندڙ بجيٽ ۽ آزاد ڪشمي?? جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير حڪومت راجا فيصل ممتاز راٺور پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. زرداري هائوس اچڻ تي وزيراعظم چوڌري انوارالحق کي پيپلزپارٽي آزاد ڪشمي?? جي صدر چوڌري محمد ياسين ڀليڪار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي عالمي ڪوششن کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏياري سگهجي.