اسلام ??باد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برساتن جي صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ شهرين جي مدد جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ??ي هد??يت ڪندي چيو آهي ته عوام ??ي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ن??شنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي صورتحال جي ڪڙي نگراني ??ي هد??يت ڪئي آهي. وزيراعظم هد??يت ڪئي ته وفاقي ادارا صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي حصيداري عمل سان ڪم ڪن، جتي جنهن شيءَ جي ضرورت هجي، عوام ??ي تحفظ ۽ مدد جي لاءِ فراهم ڪئي وڃي ۽ جتي ضرورت آهي اتي عوام کي فوري محفوظ علائقن ۾ منتقل ڪيو وڃي. وزيراعظم ن??شنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي بين الصوبائي قومي رستن جي مانيٽرنگ جي پڻ هد??يت ڪئي آهي. وزيراعظم لسٻيلا ۾ ڪوئيٽا ڪراچي رستي ۽ بولان ۾ ڪوئيٽا سبي رستي تي ٽريفڪ جي رواني ۽ عوام ??ي سهولت لاءِ موثر انتظام يقيني بڻائڻ ??ي هد??يت ڪئي آهي. وزيراعظم هد??يت ڪئي ته مختلف رستن ۽ متاثر علائقن ۾ عوام کي خب??دار رکيو وڃي. وزيراعظم چيو ته عوام ??ي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. برساتن جي صورتحال ۾ شهري خدمتن جا سمورا ادارا الرٽ رهن، قومي جذبي ۽ ذميواري جي احساس سان ڪم ڪن. وزيراعظم عوام کي به اپيل ڪئي ته موسمي شدت جي صورتحال ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ حڪومتي ادارن سان تعاون ڪن.