اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ دهشتگردي ج?? واقعي ۾ قيمتي جانيون زيان ٿيڻ تي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪرڻ وارن دوست ملڪن جو ٿورو ادا ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو دوست ملڪن پاران مشڪل جي ??ن گهري ۾ يڪجهتي جي اظهار ج?? قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستاني عوام جي تعاون سان اسان دهشتگردن کي چيڀاٽي ڇڏينداسين ۽ پنهنجي زمين تان انهن جو خاتمو ڪنداسين.