اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان ج?? علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي افسوس ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته مسلمانن تي خودڪش حم??و ڪندڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگهن، دهشتگرد دشمنن جا ٻانهن ٻيلي آهن ج??ڪي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستاني ع??ام جي رت جي هر ڦڙي جو حساب وٺنداسين، ڏوهارين کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ج?? ع??ام ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ تي پنهن??ون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم شهيدن ج?? درجن ج?? بلندي ۽ گهرڀاتين ج?? لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.