ڪراچي – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي ??اءِ ذهني نقطه نظر ۾ تبديلي آڻڻ ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ انهن جي شموليت، قبوليت ۽ پهچ کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري ۾ لاڳو هڪ محدود ۽ امتيازي ذهني رويو خصوصي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ آهي. اها ڳالهه هن نيٽ ورڪ آف آرگنائيزيشنز ورڪنگ فار پيپل ود ڊس ايبليٽيز پاڪستان (اين او ڊبليو پي ڊي پي) جي ??وڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ ??ري??و??يش?? جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ??ري??و??يش?? جي تقريب ۾ مختلف ٽريڊز ۾ فني ۽ ووڪيشنل ڪورسز مڪمل ڪندڙ خصوصي شاگردن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ثمينه عارف علوي چيو ته معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي ڇو ته اها جسماني يا ذهني معذوري نه آهي جو خصوصي ماڻهن جي ??اڌويجهه ۽ اڳتي وڌڻ جي امڪانن ۾ رڪاوٽ بڻجي ??ي پر معاشري ۾ لاڳو هڪ محدود ۽ امتيازي ذهني رويو آهي. هن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي خصوصي ماڻهن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪو آهي، ملڪ ۾ قانون ۽ پاليسيون موجود آهن جڏهن ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارا انهن جي سهولت، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ايجنڊا جي ??روغ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. خاتون اول چيو ته سمورين ڌرين کي قانونن ۽ پاليسين تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ، لاڳاپيل پاليسين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، پهچ کي وڌائڻ ۽ حقيقي تبديلي آڻڻ جي ??اءِ مجموعي سماجي رويي ۾ هڪ مثالي تبديلي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها وقت جي ضرورت آهي ته خصوصي ماڻهن سان امتيازي رويي کي ختم ڪيو وڃي ۽ زندگي جي ??ر شعبي ۾ انهن جي سماجي ۽ مالي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان کي فروغ ڏنو وڃي. بيگم علوي چيو ته اسان کي روايتي تعليم سان گڏوگڏ خصوصي ٻارن کي مارڪيٽ تي ٻڌل فني ۽ پيشيواراڻي مهارتن ۽ پيشيواراڻي تربيت سان ليس ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي معاشري جو ڪارائتو حصو بڻجي سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ثمينه عارف علوي خصوصي ٻارن کي روزگار تي ٻڌل تربيت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ معاونت ڪرڻ تي اين او ڊبليو پي ڊي پي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته خصوصي ادارن کانسواءِ خصوصي ٻارن کي عام اسڪولن ۾ به تعليم ۽ ت??ري?? جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي زور ڏنو ته اهي آگاهي پکيڙين ۽ خصوصي ماڻهن کي شامل ڪرڻ جي خيال کي فروغ ڏيڻ ۽ نامناسب زبان جي استعمال کان پاسو ڪن. ان موقعي تي اين او ڊبليو پي ڊي پي جي صدر امين هاشواڻي خطاب ڪندي چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري جو لازمي حصو آهن ۽ انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي ??اءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان اڳ خاتون اول ثمينه عارف علوي اداري جي ??ختلف حصن جو دورو ڪيو جن ۾ ٽيڪسٽائيل ليب، ڪمپيوٽر ليب ۽ آرٽس گيلري شامل آهن. آخر ۾ ثمينه عارف علوي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا جڏهن ته انسٽيٽيوٽ انتظاميا معزز مهمان کي سووينيئر پيش ڪيو.