ڪراچي – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ناليواري صنعت??ار مرحوم ايس ايم منير جي گهر ويو ۽ سندس لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول ثمينه ??لو?? پڻ ساڻس گڏ هئي. صدر مرحوم جي ڀائرن ۽ پٽن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر فاتحه خواني ڪئي. هن چيو ته ايس ايم منير سندس وڏي ڀاءُ وانگر هو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳ??ه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.