اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? برطانيا پاران باضابطا طور تي پاڪ??تا?? کي ”هائي رسڪ ٿرڊ ڪنٽريز“ جي فهرست مان ڪڍڻ جي قدم جي آجيان ڪندي ان کي هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو قدم 21 آڪٽوبر تي فنانشل ٽاسڪ فورس جي فيصلي موجب کنيو ويو آهي. ترجمان چيو ته برطانيا جي فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي معاونت جي ڪنٽرول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پاڪ??تا?? پاران ڪيل اڳڀرائي کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته اسان برطانيا جي ان قدم جي آجيان ڪريون ٿا، اميد آهي ته ٻيا ملڪ به ان ڏس ۾ پاڪ??تا?? جي ڪوششن کي تسليم ڪنداسين. ترجمان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪ??تا?? دنيا کي اهو ياد ڏيارڻ چاهي ٿو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو واحد ۽ پائيدار حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي انعقاد ۾ مضمر آهي، ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت پاران والاريل ??شمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين سميت هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي مسلمانن جي آبادي جو تناسب تبديل ??رڻ جي غيرقانوني ڪارروائي ۽ حربن کان روڪي، ڀارتي حڪومت کي فوري طور تي انهن سمورن قدمن کي ڪالعدم ڪرڻو پوندو جن جو مقصد ڪشميري عوام جي جمهوري اڪثريت ۽ ان جي نسلي ??ڃاڻپ کي ک سڻ آهي. ترجمان چيو ته پاڪ??تا?? ڪشميرين جي وحشياڻي ڀارتي ڏاڍ کان آزادي جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارتي ميڊيا پاران نيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل سان منسوب بيان جي غلط تشريح ڀارت کي پنهنجي غيرذميواراڻي ائٽمي رويي کان بري الذمه قرار ڏيڻ جي هڪ مڪروهه ڪوشش آهي، پاڪ??تا?? جي سرزمين تي ائٽمي صلاحيت رکندڙ براهموس ميزائيل فائر ڪرڻ جي واقعي هڪ ائٽمي رياست جي طور تي ڀارت جي ط??زعمل بابت ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي جيڪو عالمي برادري جي لاءِ ??ڻت?? جو سبب بڻجندو رهڻ گهرجي. ترجمان چيو ته 2021ع جي داسو دهشتگرد حملي ڪيس جي فيصلي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ??تا?? جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو آهي. اسان هڪ ڀيرو ٻيهر متاثرين جي خاندانن سان دلي ??عزيت جو اظهار ڪيو آهي، پاڪ??تا?? ملڪ ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ پرعزم آهيون. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته دشمن قوتون پاڪ چين گهڻ رخي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.