اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو آهي ته سڄي م??ڪ ۾ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پاڻي لهي چڪو آهي، انڊس هاءِ وي اين – 55 جي ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي باقي سمورا وڏا ??ست?? ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امداد ۽ بحالي جي م??جوده صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيرا??ظم کي متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي، خاص طور تي بجلي، پيٽرول ۽ مواصلات جي نظام جي بحالي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، بجلي واري وزارت جي سيڪريٽري وزيرا??ظم کي ٻڌايو ته سندس هدايت موجب وزارت جا سمورا آفيسر فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ ٻوڏ جي ڪري بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ تعطل کي بحال ڪرڻ جي ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيا آهن. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي م??ڪ ۾ 07 کانسواءِ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پاڻي لهي چڪو آهي. انهن فيڊرز ۾ 04 پنجاب، 22 خيبرپختونخواهه، 90 سنڌ ۽ 20 بلوچستان ۾ آهن. اين ايڇ اي جي چيئرمين وزيرا??ظم کي ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي اين – 55 جا ڪجهه علائقا جتي اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي کانسواءِ سمورا وڏا ??ست?? جن ۾ اين – 5 جي ٽي روڊ ۽ اين – 65 سکر کان ڪوئيٽا روڊ شامل آهن ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. وزيرا??ظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي جون ٽيمون فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ برساتن ۽ ٻوڏ واري پاڻي جي ڪري رستن تي پيل گهاري ڀرڻ جو ڪم وڏي تيزي سان جاري رکيو آهي. پي ٽي اي چيئرمين وزيرا??ظم کي ٻڌايو ته ملڪ جي سمورين 51733 موبائيل ڪميونيڪشن سائيٽس مان رڳو 648 سائيٽس ٻوڏ واري پاڻي جي بيهڻ جي ڪري هيستائين بحال ناهن ٿي سگهيون، جيڪي انشاءَ الله ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي وينديون. وزيرا??ظم ريليف ۽ ريسڪيو ۾ سمورن ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن کي آفت سٽيل علائقن ۾ رهندڙ هم وطنن جي مشڪ??ات?? جو ازالو ڪرڻ ۾ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.