لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اي وي ايم جو تصور منهنجو آهي، ??وج??ده حڪومت سان منهنجا سٺا لاڳاپا آهن، صرف 4 سمريون رد ڪيون، ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ طالبان اچڻ جي حوالي سان ڪا راءِ نه ڏيندس، اطلاعن موجب ڳالهيون هلن پيون پر ان حوالي سان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، سڀني سياسي ڌرين ک?? گڏجي ويهي معاملن ک?? نبيرڻ گهرجي، ملڪ جا سمورا ادارا احترام لائق آهن، تڪرار پيدا ڪرڻ تي يقين نه ٿو رکان. گورنر هائوس لاهور ۾ ناليو??ري ميڊيا پرسنز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان ڳالهه ٻولهه جو مقصد ??وج??ده سياسي ۽ معاشي صورتحال بابت تصديق ٿيل راءِ حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي گرمي ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ممڪن طريقن ۽ ذريعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي. هن چيو ته کيس پاڪستان جي عوام پاڪستان جي صدر طور اها ذميو??ري ڏني آهي، ان حيثيت سان سندس ڪجهه اهم آئيني ذميواريون آهن. هن ??ڌيڪ چيو ته ملڪ جي صدر جي حيثيت سان ملڪ جا سمورا ادارا سندس جي لاءِ احترام جوڳا ۽ عزيز آهن ۽ هو ڪنهن به قسم جو تڪرار پيدا ڪرڻ تي يقين نه ٿو رکي، مشاورتي عمل ذريعي بهتري آڻڻ جا ڪيترائي رستا ??وج??د آهن. صدر چيو ته سمورين ڌرين ک?? هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ميز تي آڻڻ جي لاءِ مشاورتي عمل شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته صدر جو آئيني ڪردار انهن ک?? باضابطا طور تي ڌرين تائين پهچڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. هن ??ڌيڪ چيو ته اها ايگزيڪيوٽو، اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر مخالف ڌر ۽ لاڳاپيل ادارن جي بنيادي ذميو??ري آهي ته اهي پولرائيزيشن ک?? ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. هڪ ناليو??ري صحافي جي خيالن سان اتفاق ڪندي صدر چيو ته سياسي پارٽين ۽ ڌرين ک?? خاص طور تي آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي انعقاد ۽ ميثاق معيشت تيار ڪرڻ جي حوالي سان ويهي اڳتي وڌڻ جي لاءِ هڪ متفقه رستو طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ??وج??ده سياسي پولرائيزيشن ۽ معاشي صورتحال ۾ بهتري پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. صدر وڌيڪ چيو ته هو سمجهي ٿو ته بدعنواني ڪنهن به ملڪ جي غربت جو هڪ وڏو عنصر آهي، بدعنواني جو مقابلو ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو اهو آهي ته خاص طور تي سياسي پارٽين پاران عطيا وصول ڪرڻ ۽ انهن جو انتظام ڪرڻ سميت سموري مالياتي ڏيتي ليتي رسمي بئنڪنگ چينلز ذريعي ڪئي وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رڳو پاڪستان جي اندر ڌرين ک?? ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ ڪنهن ??اهرئين ماڻهو يا ملڪ جي مداخلت کانسواءِ رڳو شامل ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سوشل ميڊيا هاڻي هتي رهڻ جي لاءِ آهي پر بدقسمتي سان اسان ان جا عادي نه آهيون ۽ ان تي ضابطو آڻڻ مشڪل آهي. ان لاءِ اسان ک?? سوشل ميڊيا ۽ ان تي ڇا ٿي رهيو آهي ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا جو 90 سيڪڙو سٺو آهي ۽ ڪيتري ئي معلومات فراهم ڪري ٿو جڏهن ته اسان ک?? جعلي خبرن ۽ افواهن ک?? فلٽر ڪري باقي 10 سيڪڙو کي منهن ڏيڻ سکڻ گهرجي. هن ??ڌيڪ چيو ته سندس ??وج??ده حڪومت سان انتهائي خوشگوارا لاڳاپا آهن ۽ هن چار سمرين کانسواءِ جيڪي آئين جي دائري ۾ رهندي دير جو شڪار ٿيون سمورين سمرين جي وقت سر منظوري ڏني. هن چيو ته هو پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ بعد ۾ ميان نواز شريف جي حڪومتن جي دوران به ڊگهي عرصي کان اي وي ايم جو بنيادي حامي هو ۽ اي وي ايم جو تصور منهنجو ئي ڏنل آهي، جنهن کانپوءِ مون ئي پي ٽي آ??ِ کي چونڊن دوران ٽيڪنالاجي جي استعمال تي قائل ڪيو. اي وي ايم آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ انتهائي آسان حل فراهم ڪري ٿي. هن چونڊ عمل دوران ٽيڪنالاجي جي استعمال تي اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان ملڪ ۾ جمهوري عمل کي سگهه ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مفتي تقي عثماني جي ذريعي افغان حڪومت کي افغان شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين ک?? ڊسٽنس لرننگ ۽ ورچوئل موڊ آف ايجوڪيشن فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته مفتي تقي عثماني پاڪستاني طالبان سان ڳالهه ٻولهه دوران ک??ن ٻڌايو ته مسلمان دنيا جي سمورن آئينن مان اسلام جي ويجهو ترين آئين اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين آهي. ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ طالبان جي اچڻ جي تازين اطلاعن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته سندس ان تي ڪا راءِ نه آهي ڇو ته اطلاعات موجب ڳالهيون ج??ري آهن. هن چيو ته سندس راءِ آهي ته اهڙي قسم جي ڪنهن به ڳالهين ک?? پارليامينٽ پاران لازمي قرار ڏيڻ گهرجي ۽ ڪنهن خوش آئنده نتيجي تائين پهچڻ جي لاءِ اعتماد ۾ وٺي سگهجي ٿو، نتيجن ک?? پڌرو ڪرڻ کان اڳ پارليامينٽ کي رپورٽ ڪيو وڃي.