گلگت – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي صوبائي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قدمن جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪ??يون ٿا، مخالف ڌ?? اڳواڻ چيو ته ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ هر قسم جي حربا ۽ ظلم ۽ جارحيت آڏو ڪشميرين بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀا??ت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن تي گڏيل قومن جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀا??تي حڪومت پاران غيرقانوني قدمن جو مقصد والاريل واديءَ ۾ غيررياستي رهواسين کي آباد ڪري ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ آهي جيڪو مذمت جوڳو آهي ڪشمير تڪرار جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خ??اه??ن موجب منصفاڻو حل ڪڍڻو پوندو.