ملتان – 02 R11; آگسٽ (اي پي پي) ناليواري دفاعي تجزيه نگار ۽ تعليمي ماهر پروفيسر علي سخن ور چيو آهي ته ڀارت آرٽ??ڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري ڪشمير جي حوالي سان سڄي خطي جي صورتحال کي عدم استحڪام جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشم??ر تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جا تمام وڏا منفي اثر پوندا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ??لم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. 1989ع کا?? وٺي هيستائين ڀارتي فوجين هڪ لک ڪشميرين کي قتل ڪيو، 7 هزار کا?? وڌيڪ ماڻهن کي حراست دوران ماريو ويو، 11 هزار کا?? وڌيڪ عورتن کي بي حرمتي ??و نشانو بڻايو ويو جڏهن ته 11 لک کا?? وڌيڪ ٻارن کي يتيم ۽ اٽڪل 23 هزار عورتن کي بيواهه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري ان بدترين صورتحال جو نوٽيس وٺي ته جيئن ڪشميرين جي آزادي جو خواب پورو ٿي سگهي.