اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي ملازمن جي شاهراهه دستور تي جاري احتجاجي مظاهري ۾ پهچي ملازمن جا مطالبا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ مظاهرين پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??ربع جي رات شاهراهه دستور تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ملاقات جي لاءِ پهچي وئي. اي پي پي جو ايم ڊي اختر منير، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن پڻ ساڻس گڏ هئا. ??طل??عات واري وفاقي وزير يڪجهتي جي اظهار طور مظاهرين سان گڏ روڊ تي ويهي رهي. هن چيو ته صحافين سان سندس تعلق سياسي يا حڪومتي نمائندي جي طور تي نه آهي، آئون اي پي پي جي ملازمن جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان پر اهي مسئلا رڳو اي پي پي جا نه آهن. هن چيو ته ڏينهن رات ??طل??عات واري وزارت جا اعليٰ عملدار ناڻي واري وزارت سان رابطي ۾ رهيا. (ڊسپيريٽري الائونس) ۽ ريگيولر پي اسڪيلز سڀني ڪارپوريشنز جو مسئلو آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن کي چيو آهي ته ان مسئلي جو جلد حل ڪڍن?? ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اڄ اربع ڏينهن ان معاملي جو جائزو وٺندي. هن اي پي پي ايمپلائيز يونين جي نمائندن کي چيو ته اهي به ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن. ??طل??عات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??اطري ڪرائي ته اي پي پي ملازمن جي ترقي لاءِ ڊي پي سي ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون وينديون. اي پي پي ملازم ??طل??عات واري وزير مريم اورنگزيب ??ي اچڻ، يڪجهتي جي اظهار ۽ مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائڻ تي ٿورا مڃيا ۽ احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.