اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان پاڪستان کي وسيع سيڙپڪاري جي ذريعي ايشيا جو صنعتي مرڪز بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان رائل نووا پرائيويٽ لميٽيڊ جي باني شاهه ۽ چيئرمين جي صلاحڪار شيخ خالد محمد سلمان الخليفه بحريني ڪمپنين جي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ س??ڙپڪاري بورڊ بحريني وفد جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن خاص طور تي صحت، سياحت، هوٽل، مهمان نوازي، هائوسنگ، زراعت، خوراڪ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ موجود سيڙپڪاري جي وسيع موقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان خطي ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيه??، نوجوان آبادي، هنرمند افرادي قوت، بي شمار قدرتي وسين ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي ڪري سيڙپڪاري جي لاءِ مثالي جڳهه آهي. بحريني وفد پاڪستان ۾ س??ڙپڪاري جي بي شمار موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ هن ايندڙ 6 مهينن ۾ هوٽل اين?? هاسپيٽليٽي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ س??ڙپڪاري جي شروعات جو اشارو ڏنو. ان کانسواءِ هن زراعت، ماهيگيري ۽ ڪنسٽرڪشن جي شعبن ۾ پڻ سيڙپڪاري ڪرن جي لاءِ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي بحريني سيڙپڪارن کي ترجيحي بنيادن تي هر ممڪن سهولت فراهم ڪن ۽ ان سلسلي ۾ س??ورا وسيلا بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻين. ملاقات ۾ س??ڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير عبدالواسع، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.