اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي اط??اعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر ف??صل جاويد خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ اڄ جمعي تي مانسهره ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندو. خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ف??صل جاويد خان چيو ته مخالف ڌر جو ب?? اعتمادي رٿ آڻڻ تي ٿورو ادا ڪريون ٿا، منڊي بهاوالدين، ميلسي، دير، حافظ آباد، سوات، درگئي ج?? ڪامياب جلسن کانپ??ءِ هاڻي مانسهره جو وارو آهي، وزيراعظم اڄ جمعي تي عوامي رابطا مهم تحت مانسهره، هزاره ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندو. عوام کي وزيراعظم تي ڀرپور اعتماد آهي.