اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ حڪومت جي معاونت کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن ڪورونا بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ان بحران دوران پاڪستان جي معيشت ڪيترن ئي ملڪن کان تمام گهڻي بهتر رهي آهي، بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي کي ??يز ڪرڻ جي لاءِ ان جي ڪوششن ۾ معاونت جاري رکندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته بئنڪ پاڪست??ني معيشت جي واڌويجهه کي ??يز ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي معاونت جاري رکندي.