ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻي عالمي جنگ دوران جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ روسي فوجين جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. يادگار اچڻ تي ٻي عالمي جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پ?? وڄايا ويا ۽ فوجي دستي مارچ پاسٽ ڪندي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي. يادگار ڪريملن جي ٻاهران اليگزينڊر باغ ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي اط??اع??ت ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، م??صو??ابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ??زيراعظم جو قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عامر ڪياني پڻ موجود هئا.