ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان ۽ روس جي نائب و??يراعظم ??ليگزينڊر نوواڪ ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن ۽ خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ريلوي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مختلف منصوبن تي وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ انتهائي اهم پليٽ فارم آهي. روس جي نائب و??يراعظم ??ليگزينڊر نوواڪ وفد سان گڏ وزيراعظم ??مران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان روس اقتصادي لاڳاپن ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خصوصي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪاروباري ماحول ۾ به??ري جي لاءِ مختلف شعبن ۾ حڪومت جي سڌارن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ??مران خان ان يقين جو اظهار ڪيو ته روسي ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ماڻهو پاڪستان جي به??ر ڪاروباري ماحول مان فائدو کڻنديون ۽ پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪنديون. وزيراعظم پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ فليگ شپ اقتصادي منصوبي طور واپار، سيڙپڪاري، ريلوي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مخصوص منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ??مران خان آ??يا??ي تي پاڪستان ۽ روس جي ناليوارن ڪاروباري ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ جي مارڪيٽ طور واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته مارچ ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس سان ميٽالرجيڪل، توانائي، تعميرات ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي موقعن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. تقريب کي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم ??عليٰ سطحي وفد سان گڏ روس جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم ڪريملن ۾ صدر پيوٽن سان پڻ ملاقات ڪئي.