بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه?خوش_قسمتی۔/121589.html">? محمود قريشي بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پرڏيهي وزيرن جي سطح تي اسٽريٽجڪ ڳالهين جو ايندڙ دور جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ سمورين سطحن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاه?خوش_قسمتی۔/121589.html">? محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيد??ري مثالي نوعيت جي آهي. هن چيو ته امن ۽ خوشحالي جي حصيدار جي حيثيت سان ٻئي ملڪ پوري ??طي جي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پرڏيهي وزير شاه?خوش_قسمتی۔/121589.html">? محمود قريشي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ”ون چائنا پاليسي“ سميت سدائين چين جي بنيادي قومي مفادن جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ??طي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۽ چين ان سلسلي ۾ ويجهو تعاون برقرار رکندا. سي پيڪ جي حوالي سان شاه?خوش_قسمتی۔/121589.html">? محمود قريشي چيو ته سي پيڪ، بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي طور پاڪستان ۽ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ٻئي ملڪ سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي بي آر آئي جو اعليٰ معي??ري ترقياتي منصوبو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.