اسلام آباد – 06 ج??وري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي 3.160 ارب ڊالر پاڪستان موڪليا آهن. فرخ حبيب پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ چيو ته اوورسيز پاڪستانين وزيراعظم عمران خان تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. هن چيو ته حڪومت اوورسيز پاڪستانين جي بنيادي حقن جي لاءِ عملي قدمن ۽ سهولتن جو سفر ج??ري رکندي.