راولپنڊي -09 جنوري (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار ??ثم??ن بزدار مري جي برفباري سبب متاثر علائقن جو ??ضا??ي دورو ڪيو ۽ گهڙيال سميت متاثر علائقن جو ٽن ڪلاڪن تائي?? دورو ڪيو ۽ متاثر علائقن ۾ جاري رليف آپريشن جو جائزو ورتو. پنجاب جي وڏي وزير ??ثم??ن بزدار مري سانحي جي اعليٰ سطحي انڪوائري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (گهرو) پنجاب جي سربراهي ۾ 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪ??ي ويندي ۽ مري جي علائقي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ 76 لک رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير مري کي ضلع بڻائڻ جي اصولي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي ۽ فوري طور ايس پي ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي مقرري جي هدايت پڻ ڪئي آهي.