اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جعلي مقابلن ۽ نام نهاد ”ڪريڪ ڊائون ۽ گهر گهر تلاشي“ ڪاررواين جي ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ بي پناهه ڪش??ير??ن جو عدالت کان مٿانهون قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ڪش??ير??ن جي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائڻ ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز پاران عدالت کان مٿانهين قتل جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڀارتي قابض فوج 35 بي گناهه ڪش??ير??ن کي شهيد ڪيو جڏهن ته سرينگر ۾ 24 نومبر تي هڪ جعلي مقابلي ۾ وڌيڪ ٽن ڪش??ير??ن کي شهيد ڪيو ويو آهي، ترجمان چيو ته ڀارتي قابض فوج ڪش??ير??ن جي خلاف سنگين ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي جنهن ۾ جبري گمشدگيون، ٽارگيٽ ۽ عدالت کان مٿانهون قتل ۽ آبادي کي اجتماعي سزائون ڏيڻ شامل آهي. والاريل ڪشمير ۾ بي شرمي سان جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ وحشياڻي طاقت جي استعمال سان ڪش??ير?? عوام کي پنهنجي خودمختياري جي نڇڏ حق لاءِ جدوجهد کان روڪي نٿا سگهن. ترجمان چيو ته هن سال سيپتمبر ۾ پاڪستان پاران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي ناقابل ترديد ثبوتن بابت جامع ڊوزيئر عالمي برادري کي پيش ڪيو ويو آهي، پاڪستان عالمي برادري کي مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم ڪش??ير??ن جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائي، والاريل علائقي ۾ بگڙجندڙ صورتحال خطي ۾ امن ۽ سلا??تي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان عالمي برادري تي به زور ڏنو ته هو ??ڏي?? قومن جي سلا??تي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪش??ير?? عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.