اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحر??ن جي پيش نظر عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب شاهه محمود قريشي گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب ميولوت چاوش اولو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاو?? جي فروغ ۽ افغانست??ن جي اڀرندڙ صو??تح??ل تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جهڙي فورم جي موجودگي، ٻطرفي لاڳاپ?? جي استحڪام جو مظهر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن تي اطمين??ن جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ترڪي جي اصولي موقف ۽ پاڪست??ن جي موقف جي مسلسسل ۽ اڻٽر حمايت تي ترڪ قيادت جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، ترڪ قيادت پاران عالمي سطح تي مظلوم ڪشميري?? جي حمايت سان انهن جا حوصلا بلند ٿيا، هن چيو ته وڌندڙ اسلامو فوبيا جي رجحان ۽ نفرت انگيز بياني کي چيڀاٽڻ لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙن فورمن تي پاڪستان ۽ ترڪي جي گڏيل ڪوششون اطمين??ن جو باعث آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحر??ن جي پيش نظر افغانين لاءِ معاشي ۽ انساني مدد جي غير مشروط فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متاثر ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان عالمي برادري جي مدد کانسواءِ پنهنجي محدود وسيل?? جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير?? جي ميزباني ڪندو پيو اچي، اس??ن جي معيشت وڌيڪ پناهگيرن ??و بار نٿي کڻي سگهي، پاڪستان خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ قيام امن کي اڻٽر سمجهي ٿو.