اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن بابت مشير ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ??والي سان چونڊ سڌارن جي ??مل تي ??پوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اپوزيش?? جي مطالبي تي ??ينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي قائم ڪري آخري ڀيرو اپوزيشن سان ڳالهيون ٿينديون، هر صورت ۾ چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي ختم ڪرڻ گهرجي ??نهن لاءِ قانون سازيءَ تحت ايندڙ عام چونڊن کي صاف شفاف ۽ منصفاڻو بڻائڻ کي يقيني بڻايو ويندو. پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي وزير، اعظم خان سواتي ??ان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پوري قوم ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ اي ووٽنگ جي ??والي سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. اپوزيشن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ??ڪومت 2023ع جي ??ليڪشن کي چوري ڪرڻ لاءِ اي وي ايم مشين آڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سڀ کان پهريان پ پ جي ??ؤر ۾ 2009ع ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ??والي سان اڳڀرائي ٿي، 2014ع کان 2016ع تائين موجوده صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ سڄي اپوزيشن ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن وئي پر اڄ اهائي اپوزيشن پرجوش انداز ۾ اهو چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ ايندڙ اليڪشن چوري ڪرڻ چاهي ٿي، ايندڙ عام چونڊون عمران خان يا تحريڪ انصاف نه ڪرائيندي ان لاءِ مرڪز ۽ صوبن ۾ 120 ڏينهن لاءِ آئين تحت عبوري حڪومت قائم ٿيندي، جيڪا عام چونڊون ڪرائيندي. هن ميڊيا جي نمائندن کي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جو هڪ دستاويز ڏيکاريندي چيو ته 2017ع ۾ نواز شريف جي ??ڪومت هئي ۽ چونڊ سڌارن ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي ??ڌارن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو ذڪر آيو. هن چيو ته هو اي وي ايم کان ڇو ڊڄي رهيا آهن، اهو ووٽر کي ٻُڌائڻو پوندو ۽ اي ووٽنگ سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڇو ووٽ جي ??ق کان محروم رکيو وڃي. هن چيو ته اپوزيشن جون زباني ڳالهيون ۽ دعويٰ سرڪاري رڪارڊ کان انڪار نٿيون ڪري سگهن. 2017ع کان 2021ع تائين 4 سال گذري ويا آهن اسان کي ٻُڌايو وڃي ته اسان ان معاملي تي ??ڳيان ڇو وڌي نه سگهيا آهيون. هن چيو ته اي وي ايم مشين ڌانڌليءَ کي روڪيندي. هن فلپائن جو مثال ڏيندي چيو ته اتي ??ليڪش?? جي موقعي تي قت?? ٿيندا هئا پر ٽيون ڀيرو عام چونڊن ۾ اي وي ايم ذريعي اليڪشن ڪرائي وئي جنهن کان 89 سيڪڙو شهرين تسليم ڪيو. هن چيو ته هتي ??وايت اها رهي آهي ته ماڻهو هتي پنهنجي ۽ رشتيدار?? جي گهرن ۾ پولنگ اسٽيشنون لڳرائيندا هئا، فارم 45 بي سڀني کي ناهي ملندو، اسان چاهيون ٿا ته ايندڙ عام چونڊون صاف شفاف ۽ منصفاڻيون ٿين. بابر اعواڻ چيو ته حڪومت ان لاءِ تيار آهي ته اسان قومي اسيمبليءَ ذريعي ٻنهي ايوان?? جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي ??حريڪ پيش ڪريون. هن چيو ته ڪميٽي ۾ آخري ڀيرو حڪومت اپوزيشن سان چونڊ سڌارن جي ??والي سان ڳالهيون ڪندي. هن چيو ته اسان چونڊ سڌارن لاءِ قانونسازي ڪنداسين، هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي ??يمارڪس بابت حوالو ڏيندي چيو ته هو هڪ ڪيس ۾ چئي چڪو آهي ته اي وي ايم جو تصور ڪو خلائي تصور ناهي. بابر اعواڻ چيو ته چونڊ عمل ۾ اسان ڌانڌلي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ڀارت جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعما?? ٿي رهي آهي، اسان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ??والي سان پنهنجو وعدو پورو ڪنداسين، اڃا تائين ته رڳو اي وي ايم ۽ اي ووٽنگ جي ??والي سان اسان جون تجويزون آيون آهن، اسان اهڙو قانون ٺاهڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڪوبه ائين نه چوي ته مان ان قانون کي نٿو مڃان، قوم سان واعدو آهي ته جنهن طرح ملڪ ۾ صنعتي ??رقي، ايف بي آر ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ??والي سان سڌارا آندا آهن اهڙيءَ طرح ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڌانڌليءَ کان پاڪ اليڪشن جو تصور به آڻينداسين.