اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ايماندار قيادت ۾ حڪومت آهستي آ??ستي عوام سان ڪيل واعدا پوري ڪري رهي آ??ي، حڪومت ملڪ مان بدعنواني، غربت، بيروزگاري جي خاتمي، غريب ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سڌارن جي لاءِ وڙهندي رهندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن اڳوڻي حڪومتن تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن پنهنجي دورن ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، خودغرض مخالف ڌر رڳو ڦريل دولت ۽ پنهنجي ذاتي ??فادن کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آ??ي، م??الف ڌر کي اهو سمجهڻ گهرجي ته مستقبل ۾ عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جا اهي دير وارا حربا ڪم نه ڪندا. فرخ حبيب سنڌ حڪومت تي ??ڻ سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ترقي جي نالي تي ??فاق کان اربين رپيا وصول ڪرڻ جي باوجود صوبي جي ترقي لاءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو جڏهن ته وفاقي حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ مختلف ترقياتي ??نصوبا شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آ??ي جڏهن ته ان بيڊ گورننس، ڪرپشن ۽ ناانصافي جو مظاهرو ڪري صوبي جي ماڻهن جي زندگين کي اجيرن بڻائي ڇڏيو آهي. مملڪتي ??زير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪرپٽ بيانيو عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ جي پٺتي ??يل علائقن جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آ??ي.