اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان قومن جي ترقي ۾ اخلاقيات، نظريي ۽ انصاف جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن جي خاتمي ۾ پوري معاشري جو اهم ڪردار آهي، اهو ڪم رڳو قانونن سان نه ٿو ٿي سگهي، جزا ۽ سزا جي تصور کانسواءِ انص??ف ممڪن نه آهي، ڏوهارين کي سزائون ڏيارڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت نيب ۽ عدالتن کي گهربل هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، مخالف ڌر جون سموريون ڪوششون اين آر او جي لاءِ آهن، پاڪستان کي اڳتي وڌڻ کان ڪير نه ٿو روڪي سگهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ هيٺئين طبقي جي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان چونڊ سڌارن تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نظام آڻينداسين ته ??يئن ڌانڌلي جي شڪايت جو سدائين لاءِ خاتمو ٿئي، پاڪستان مشڪل دور مان نڪري هاڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، اسان کي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو آهي، راوي سٽي، بنڊل آئي لينڊ ۽ والٽن بزنس سينٽر جهڙا منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون جنهن سان ٿيندڙ آمدني سان قرض واپس ڪنداسين. قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ق??ار??اد جي منظوري کانپوءِ خطاب ڪندي ??زي??اعظم عمران خان چيو ته ??ڀ کان اڳ اتحادين، ميمبرن ۽ پنهنجي ٽيم جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته گذريل ڏينهن حالتون ڏٺيون ته ??فيظ شيخ جي هارائڻ تي سڀ تڪليف ۾ ورتل هئا، هن وقت هڪ ٽيم نظر اچڻ مون کي تمام سٺو لڳو، هاڻي اسان جي ٽيم مضبوط ٿيندي ويندي. الله قرآن ۾ ايمان کي آزمائڻ جي ڳالهه ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪري ٿو. آزمائش مان نڪري انسان جو ايمان مضبوط ٿئي ٿو. انسان کي اشرف المخلوقات بڻائڻ جي لاءِ مشڪل وقت کي منهن ڏيڻ جي شرط لڳائي وئي. ??زي??اعظم چيو ته ??ڏهن اسان وزن کڻندا آهيون ته ??سان جو جسم مضبوط ٿيندو آهي اهڙي طرح سياسي پارٽي به مشڪل وقت مان نڪري مضبوط ٿئي ٿي. دنيا ۾ آسانيون قوم کي تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. ??زي??اعظم چيو ته مشڪل وقت مان نڪرڻ تي پارٽي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ميمبر مشڪل حالتن ۽ صحت جي خرابي جي باوجود هتي پهتا. ??زي??اعظم چيو ته ??سان کي پاڪستان قائم ٿيڻ کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ڇو ته نظريي کانسواءِ قوم مري وڃي ٿي. قوم مقصد جي لاءِ بڻجندي آهي، جيستائين اسان پنهنجي ٻارن کي پنهنجا مقصد نه ٻڌائينداسين، اسان جي قيادت کي خبر هجڻ گهرجي ته ??هو عظيم خواب هو. هن سوال ڪيو ته ڇا علامه اقبال کي خبر نه هئي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 20 ڪروڙ مسلمان انڊيا ۾ ئي رهجي ويندا. ان جي خيال ۾ دنيا جي لاءِ هڪ مثالي ۽ ماڊل اسلامي رياست جو خواب سامهون هو جيڪو ق??ار??اد مقاصد ۾ مديني جي رياست تي اسلامي فلاحي رياست جو بنياد هو. ??زي??اعظم چيو ته مديني جي رياست ۾ اصول طئي هئا ته ??ن رياست کانپوءِ هڪ ورهايل قوم جنهن جي ڪا حيثيت نه هئي اها اصولن تي هلي دنيا ۾ مثال بڻجي وئي، اهو هڪ معجزو هو. ??زي??اعظم چيو ته ??عليم واري ??زي?? کي هدايت ڪئي آهي ته ??تين کان نائين درجي جي نصاب ۾ نبي صه جي زندگي ۽ مديني جي رياست بابت سبق شامل ڪري ته ??يئن ٻارن کي هن ملڪ جي ٺهڻ جو مقصد خبر پوي. ??زي??اعظم چيو ته ??ڄ ڀارت ۾ مسلمانن سان جيڪو ٿي رهيو آهي اهڙي دليل ڏني ويندي هئي ته ??يڪڏهن پاڪستان نه ٺهيو ته مسلمان وڌيڪ طاقت ۾ هوندا. جيڪڏهن اسان ان نظريي تي نه هلنداسين ته پوءِ اها دليل صحيح آهي. پاڪستان جو خواب عظيم هو. هن چيو ته ??ن ماڻهن جي حيثيت ئي نه هئي انهن دنيا جي امامت ڪئي. دنيا کي عظيم تهذيب ۽ ثقافت ڏني، وڏا سائنسدان ڏنا، انهن دنيا ۾ اخلاقي معيار ڏنو. ??زي??اعظم چيو ته ??نڊونيشيا، ملائيشيا ۾ مسلمان واپارين جي ڪردار کان متاثر ٿي ماڻهو مسلمان ٿيا. اسلام تلو??ر سان نه ڪردار جي اصلاح سان پکڙيو. ??زي??اعظم چيو ته نماز ۾ اسان روزانو اهو پڙهون ٿا ته ??سان کي سڌي رستي تي هلائي. ??زي??اعظم چيو ته ٻه رستا آهن، هڪ تباهي ۽ هڪ نعمتن جو رستو آهي. دنيا جون سڀ کان وڌيڪ نعمتون نبي ڪريم صه کي بخشيون ويون. انهن جي رستي تي هلندڙ عظيم انسان بڻيو. هن چيو ته ??نگريز ليکڪ جي لکيل ڪتاب ”فاتح عرب“ پڙهڻ واري ڪتاب آهي. ان لکيو آهي ته مسلمانن جي دنيا ۾ فتح جو ڪو مثال نه ٿو ملي، ان وٽ ڪي جديد هٿيار نه هئا. انهن جي اخلاقيات، عدل ۽ انصاف، ڪردار جي ڪري ماڻهو انهن سان گڏ ٿيا. ??زي??اعظم چيو ته ڀارت ۾ داتا، ڀلي شاهه، بابا فريد، نظام الدين اولياءَ جو ڪردار ۽ انسانيت ڏسي ماڻهو مسلمان ٿيا. هن چيو ته ??ازين سينيٽ چونڊن تي شرمندگي ٿئي ٿي. ڪٿي اهو خواب ڪٿي خريدارن جي ٻڪرامنڊي لڳي. ??زي??اعظم چيو ته هڪ مهيني کان خبر هئي ته پئسو گڏ ڪيو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن پاران سٺي اليڪشن ڪرائڻ جي ڳالهه تي مون کي صدمو پهتو آهي. جيڪڏهن اها سٺي اليڪشن آهي ته ??ري اليڪشن ڪهڙي هوندي آهي. هن چيو ته ??سان جي معيشت، قرض بيماري جون علامتون آهن، اڳ ۾ اخلاقي طور تي تباهي پوءِ معيشت جي تباهي اچي ٿي، ڪو اهڙو ملڪ ٻڌايو جتي اخلاقي گراوٽ سان معاشي حالتون بهتر ٿين. هن چيو ته ??نيا جي عظيم ليڊر ان جي اخلاقيات کي مٿي اٿاريو. اهي صادق ۽ امين هئا، قرآن انهن جي سنت تي هلڻ جو چوي ٿو، ان ۾ اسان جي بهتري آهي. قرآن رهنما حيات آهي. هن چيو ته مون کي تڪليف ٿئي ٿي جڏهن اولهه ملڪن ۾ وڃان ٿو انهن جو اخلاقي معيار ڏسي شرم اچي ٿي ته ??فسوس ٿئي ٿو ته ??سان جو ملڪ لااله الالله جي بنياد تي ٺهيو ۽ هتي ڇا ٿي رهيو آهي. ??زي??اعظم عمران خان چيو ته ??صف علي زرداري جنهن کي پوري دنيا ڪرپٽ ثابت ڪيو آهي، هن ملڪ ۾ هڪ زرداري سڀ تي ڀاري جا نعرا لڳا ڇو ته هو پئسا ڏي ٿو. نواز شريف ڌاڙيل، ملڪ مان ڪوڙ ڳالهائي ڀڄي ويو آهي. ڪابينا ۾ 6 ڪلاڪ ان تي ڳالهه ٿي ته هو جهاز تي به نه ٿو چڙهي سگهي، شيرين مزاري جهڙي مضبوط عورت جا ڳوڙها نڪري آيا، اتي ويندي ئي صحتياب ٿي ويو. هاڻي هو خطاب ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ??ن جو منصوبو اهو هو ته ??ڍائي سالن کان وڏا وڏا ڌاڙيل گڏ ٿي عمران خان تي ايترو دٻاءُ وجهن جو جنرل مشرف وانگر هو انهن کي اين آر او ڏئي ڇڏي. جنرل مشرف سان گڏ سپريم ڪورٽ، فوج هئي. هن اين آر او ڏئي ظلم ڪيو. ان وقت اپ??زي??ن ليڊر مولانا فضل الرحمان ان سان مليل هو، اهو اين آر او وڏو ڏوهه هو. ٻنهي ان کانپوءِ ملڪ ڦريو. ملڪي قرض ٻه هزار ارب رپين مان وڌي 30 هزار ارب تائين پهچائي ڇڏيو. ??زي??اعظم چيو ته ??ڏهن آئون ??زي??اعظم بڻيس ته پهرين ڏينهن مون کي ايوان ۾ تقرير ڪرڻ نه ڏني وئي ڇو ته ??نهن کي ڊپ هو ته ڪرپشن جا ڪيسز معاف نه ڪندو. اهي ڪيسز اسان ناهن ٺاهيا انهن جي پنهنجي دورن ۾ ٺاهيا ويا. نيب جو چيئرمين انهن جو لڳايل هو. پاڪستان جا 60 ملين ڊالر سوئٽزرلينڊ ۾ پيل هئا، ان وقت جي ??زي??اعظم يوسف رضا گيلاني کي سپريم ڪورٽ پاران چيو ويو ته هو پئسا پاڪستان واپس آڻڻ جي لاءِ خط لکي، اهي پئسا ان جي پيءُ جا نه هئا. هن چيو ته هو هتي ائين گهمي رهيو آهي جهڙو نيلسن منڊيلا آهي.