اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان سينيٽ جي ٻن خالي سيٽن ت?? هڪ سيٽ مخالف ڌر جڏهن ت?? ٻي حڪمران ڌر تحريڪ انصاف حاصل ڪري ورتي، پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي جنرل سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ت?? عورتن جي مخصوص سيٽ تي تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد 174 ووٽ کڻي ڪامياب رهي، تحريڪ انصاف جي ام??دو??ر عبدالحفيظ شيخ کي جنرل سيٽ تي 164 جڏهن ت?? مسلم ليگ (ن) جي عورت سيٽ تي ام??دو??ر فرزانه ڪوثر کي 161 ووٽ مليا، جنرل سيٽ تي 7 جڏهن ت?? عورتن جي سيٽ تي 5 ووٽ رد قرار ڏنا ويا. رٽرننگ آ??يس?? ظفر اقبال پولنگ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي سيٽن جي نتيجن جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽ جي هڪ جنرل ۽ هڪ عورتن جي سيٽ تي پولنگ ٿي. پولنگ جي شروعات صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ڪل 342 جي ايوان ۾ 340 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جڏهن ت?? اين اي 75 ڊسڪه جي سيٽ خالي آهي. رٽرننگ آ??يس?? جا فرض اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ادا ڪيا. قومي اسيمبلي هال کي بطور پولنگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو، جتي ٻه پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پولنگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 کان اين اي 171 جڏهن ت?? پولنگ بوٿ نمبر ٻه تي اين اي 172 کان ان اين اي 342 تائين ووٽ رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. هو هال ۾ ويهڻ بدران پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري واپس هليو ويو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، خواجه محمد آصف، علي وزير کي نيب ۽ پوليس جي حراست ۾ هجڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن جي خصوصي حڪمن ت?? ووٽ و??هڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشن ت?? آندا ويا. شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه ڪافي دير ايوان ۾ موجود ??هيا. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ تي ٽِڪ ڪرڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي جڏهن ت?? بعد ۾ هن ٻيهر بيلٽ جي لاءِ رٽرننگ آ??يس?? وٽ ٻه جدا جدا درخواستون جمع ڪرايون جنهن ان ت?? هن فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پولنگ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف پاران ڪنول شوزب ۽ زين قريشي، مسلم ليگ (ن) پاران عطا تارڙ ۽ علي گوهر خان جڏهن ت?? پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سيد نويد قمر ۽ عبدالقادر پٽيل ڳڻپ جي عمل ۾ شريڪ ٿيا. رٽرننگ آ??يس?? نتيجي جو اعلان ڪيو جنهن موجب جنرل سيٽ تي سيد يوسف رضا گيلاني ۽ عورتن جي سيٽ تي فوزيه ارشد ڪامياب قرار ڏنا ويا.