صدر پاراب ناليواري صنعتڪار مرحوم ايس ايم منير جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار

image
APP38-021222 KARACHI: December 02 – President Dr. Arif Alvi offering condolence to the family of SM Munir(Late).APP/ABB

ڪراچي – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري صنعتڪار مرحوم ايس ايم منير جي گهر ويو ۽ سندس لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول ثمينه علوي پڻ ساڻس گڏ هئي. صدر مرحوم جي ڀائرن ۽ پٽن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر فاتحه خواني ڪئي. هن چيو ته ايس ايم منير سندس وڏي ڀاءُ وانگر هو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل
متعلقہ مضامین
مزید خبریں