وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ملاقات

image

اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. ملاقات ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ سردين جي اچڻ جي ڏس ۾ امدادي عمل جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ معاشي بهتري، عوام جي رليف ۽ ترقياتي عمل جي حوالي سان معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں