عورتن تي هر قسم جو تشدد انساني حقن ۽ وقار جي خلاف ورزي آهي: وزيراعظم شهباز شريف

image

اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عورتن تي هر قسم جو تشدد انساني حقن ۽ وقار جي خلاف ورزي آهي، ڪو به معاشرو ان وقت تائين مهذب ۽ جمهوري هجڻ جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي جيستائين اهو عورتن تي تشدد جي منفي طرز عمل کي رد نه ٿو ڪري. عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عورتن جي خلاف ڪنهن به شڪل ۾ تشدد انساني حقن ۽ وقار جي خلاف ورزي آهي، ڪو به معاشرو ان وقت تائين مهذب ۽ جمهوري نه ٿو ٿي سگهي جيستائين اهو عورتن تي تشدد جي منفي طرزعمل کي رد نه ٿو ڪري. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ وچن ڪريون ٿا ته عورتن تي تشدد جي رواج کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.

مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں