وزيراعظم سان سعودي شهزادي سلطان بن سلمان بن عبدالعزيز السعود جي ملاقات

image
APP52-26 ISLAMABAD: November 26 - His Royal Highness Prince Sultan bin Salman Al Saud called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي شهزادي سلطان بن سلمان بن عبدالعزيز السعود وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ فلاحي ڪمن ۾ سعودي شاهي خاندان جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ منفرد لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهي.

مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب
متعلقہ مضامین
مزید خبریں