نجڪاري جي عمل سان نان ٽيڪس روينيو ۾ اضافو ٿيندو: وزيراعظم

image
APP61-15 ISLAMABAD: November 15 - Prime Minister Imran Khan receives briefing on Privatization. APP

اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نجڪاري عمل جي جلد کان جلد پڄاڻي سان حڪومتي مالي وسيلن خاص طور تي نان ٽيڪس روينيو ۾ اضافو ٿيندو، قومي ناڻي کي نقصان کان بچائڻ سان گڏوگڏ ادارن جي ڪارڪردگي کي انهن جي صلاحيت موجب هلائڻ، ادارن مان بهترين نتيجا حاصل ڪرڻ ۽ مجموعي طور تي معيشت جي بهتري نجڪاري واري عمل جو اصل روح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجڪاري عمل ۾ اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں